دادو ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگيون ثابث ٿيڻ تي آفيسر معطل

دادو ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگيون ثابث ٿيڻ تي آفيسر معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دادو ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگيون ثابت ٿي ويون،دادو ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ۾ مبينه بي قاعدگيون، 2 آفيسرن کي ھٽايو ويو،ترجمان چيف سيڪريٽري سنڌ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر-I دادو جاويد علي لاڙڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو شاهنواز ميراني عهدن تان هٽايو ويو،ڪمشنر حيدرآباد جي سفارش تي ٻنهي آفيسرن کي فوري فارغ ڪيو ويو، ڪمشنر حيدرآباد جي رپورٽ موجب ٻنهي آفيسرن خانگي پارٽي ايم ايس لنڊ جي غير قانوني حمايت ڪئي، دادو ۾ سکر آءِ بي اي ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽي لاءِ زمين الاٽمينٽ ۾ مبينه فراڊ ڪري زمين خانگي بلڊر کي الاٽ ڪئي وئي رپورٽ ۾ ٻنهي آفيسرن تي سنڌ حڪومت جي مفادن جي خلاف عمل ڪرڻ جو الزام آهي ،چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ٻنھي آفيسرن خلاف انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو