دادو ۾ روڊ حادثي دوران پيءُ ۽ پُٽ فوت

دادو ۾ روڊ حادثي دوران پيءُ ۽ پُٽ فوت

دادو(ن س) دادو جي جوهي روڊ نور واھ وٽ ٽرڪ جو اوچتو بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثو موٽر سائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، پيءَ ۽ پٽ حادثي ۾ فوت ٿي ويا ڳوٺ مياڻي جو رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو صداقت ولد صدام ملاح موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد صدام حسين ملاح سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتان سندس کي وڌيڪ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مان سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آخري اطلاعن تائين فوت ٿيل پيءُ ۽ پٽ جي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو جڏهن ته فوتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو؛

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو