خيرپور جي پريمي جوڙي جي تحفظ لاءِ اپيل

خيرپور جي پريمي جوڙي جي تحفظ لاءِ اپيل

سرحد (رپورٽر غلام عباس مهر) ڳوٺ بودلي مهيسر واسي پسند جي شادي ڪندڙ رڪيت لاکو ۽ دل جان لاکو سرحد پريس ڪلب ۾ ٻڌايو ته هنن جي جان کي خطرو آهي. هنن چيو ته جسٽس آف پيس ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ هنن پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن بعد رڪيت جو اڳوڻو مڙس ۽ ٻيا گهر ڀاتي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ احمد پور ٿاڻي جي پوليس معرفت حراسان ڪرايو پيو وڃي پوليس دل جان جي گهر تي چڙهائي ڪري چوپايو مال ۽ ٻيو سامان کڻي وئي آهي هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آئي جي سکر سميت وسوارن کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو