گٽرن جا ڍڪڻ چوري ڪندڙن کي گولي هڻو، خواجا آصف

گٽرن جا ڍڪڻ چوري ڪندڙن کي گولي هڻو، خواجا آصف

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف مطالبو ڪيو آهي ته مين هول جا ڍڪ چوري ڪندڙ ماڻهن کي سرعام گولي هڻي ماريو وڃي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، دفاع واري وزير خواجه آصف مين هول جا ڍڪ چوري ڪرڻ جي وائرل وڊيو تي پنهنجي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙن ماڻهن کي واقعي واري هنڌ تي آندو وڃي ۽ گولي هنئي وڃي، دفاع واري وزير چيو ته، “جيڪڏهن انهن ماڻهن جو ڪو وڊيو رڪارڊ آهي ته پوءِ انهن کي واقعي واري هنڌ تي آڻيو ۽ انهن کي گولي هڻي ڇڏيو ڇو ته اهي معصوم ٻارن جا قاتل آهن. جيڪڏهن هن وڊيو کان پوءِ به ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ته پوءِ نظام انهن ٻارن جي قتل ۾ به سهولتڪاري ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو