خميس کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

خميس کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 16 مئي کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي رليف جو امڪان آهي.ايندڙ هفتي 31 مئي تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 کان 9.50 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.توانائي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ٻڌايو ته ابتدائي اندازن موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ 13 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 8 کان 9.50 رپيا في ليٽر تائين 16 مئي 2024 تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي. ايران-اسرائيلي ميزائل حملن جي خاتمي ۽ لال سمنڊ ۾ تڪرار جي خاتمي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ استحڪام واپس آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو