حيدرآباد:(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ميئر سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته خطرناڪ قرار ڏنل بلڊنگن ۾ غريب ماڻھون رھن ٿا اسان طاقت جو استعمال نٿا ڪري سگھون، پيپلز پارٽي آئين ۽ جمھوريت جي ڳالھ ڪري ٿي، 26 ترميم ان ڪري ممڪن ٿي جو سڀني پارٽين ان لاء حامي ڀري انھن پارٽين ۾ پي ٽي آئي به شامل ھئي،27 آئيني ترميم سان آئيني عدالتن ۾ چئيني صوبن کي نمائندگي ملندي.هن چيو ته جيڪڏھن ڪو احتجاج ڪري ٿو ته روڪڻو پوي ٿو، جيڪو به پاڪستان ۽ سنڌ جي بھتري ڳالھ ڪندو پيپلز پارٽي ان جي حمايت ڪندي، اسان ايم ڪيو ايم کي سنجيده نه ٿا وٺون اوھان ڇو ٿا وٺو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ رشوت جون شڪايتون آھن ان جي خاتمي لاء نئون سسٽم آندو ويو آھي، بلدياتي ادارن کي اختيار ڏنا پيا وڃن، سيد ناصر حسين شاھ سنڌ بلڊنگ اٿارٽي جي نئين آن لائن سسٽم جو افتتاح پڻ ڪيو، هن چيو ته هي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن جو حصو آھي.اداري جي آفيسرن پاران صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته ھاڻي ھر ماڻھون گھر ويٺي پنھنجي گھر جا نقشا پاس ڪرائي سگھندو، ڊپارٽمينٽ ۾ 100 درخواستون اينديون ته 15 ڏينھن ۾ 99 ماڻھن جو درخوستون اپروول ٿي وينديون.










