ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت بابت درخواست تي ڌرين کان 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته خرم شيرزمان عمري تي وڃڻ چاهي ٿو، عمري لاءِ پاسپورٽ جي تجديد ڪرائڻي آهي. وڪيل چيو ته پاسپورٽ آفيس خرم شير زمان جي پاسپورٽ جي تجديد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته خرم شير زمان جو نالو ”نو فلائي لسٽ“ ۾ شامل آهي ۽ هو پرڏيهه سفر نٿو ڪري سگهي.










