اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل 5 ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي مختلف تاريخن تي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل جان محمد، سردار غزل ۽ نعيم پنجوٿا عدالت ۾ پيش ٿيا.وڪيل صفي جان محمد عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي روز جيل مان عدالت ۾ آڻڻ سولو ڪم ناهي. جج ابوالحسنات چيو ته مون کي خبر آهي ته جيل مان روز آڻڻ مناسب ناهي، ڪيسن ۾ جوابدارن جي حاضري کي به نشانو بڻايو وڃي. وڪيل صفائي جان محمد درخواست ڪئي ته پنجن ڪيسن جي مختلف تاريخن بدران هڪ تاريخ رکي وڃي. وڪيل صفائي چيو ته هو چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري بنا ڪنهن ڏکيائي جي ٿئي، کيس سيڪيورٽي جا مسئلا به آهن. جج ابوالحسنات چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي رڳو هڪ ڏينهن اچڻو آهي، جيڪو مشڪل آهي، شريڪ جوابدارن جو انگ تمام گهڻو آهي، الڳ حاضري جو بندوبست ڪرڻ ڏکيو هوندو. جڏهن طلب ڪرڻ جو معاملو هوندو ته پوءِ سمورو ڪيس اڪلايو ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين کي 25 سيپٽمبر تي رمنا ٿاڻي ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ سي ٽي ڊي ۽ سانجهي ٿاڻي ۾ 12 آڪٽوبر ۽ گولاڙچي ٿاڻي ۾ 5 آڪٽوبر تي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.










