پي ٽي آءِ، ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم پئي ڪري، شرجيل ميمڻ

پي ٽي آءِ، ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم پئي ڪري، شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ اسرائيلي ڳٺ جوڙ شنگھائي تعاون تنظيم ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ آهي . سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ، ايڪسائيز ، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پاڪستاني سياست نه پر يهودي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. سينيئر وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسرائيل جو لاڳاپو پاڪستان جي قومي مفادن تي سوديبازي آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آئي جا تل ابيب سان رابطا ملڪ دشمن قوتن پاران ايس سي او کي سبوتاز ڪرڻ جي گڏيل ڪوشش جو حصو آهن.سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به عمران خان پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ لاءِ چيني صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش جو حصو رهيو آهي.سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ قيادت پرڏيهي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ملڪ دشمن مفادن کي ترجيح ڏئي ٿي، پي ٽي آءِ جو ٿنڪ ٽينڪ هن وقت تل ابيب ۾ ويٺو آهي ۽ پاڪستان خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا اهم پاليسي صلاحڪار اسرائيل ۾ ويٺا آهن، جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، پي ٽي آءِ کي تل ابيب کان پاليسيون، هدايتون ۽ مدد ملي رهي آهي، پي ٽي آءِ جا هينڊلرز عالمي لابنگ لاءِ تل ابيب ۾ مسلسل سرگرم آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ٻاهرين قوتن جي مدد ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ سفارتي ترقي کي نقصان پهچائڻ آهي.پاڪستاني ڄائي صادق خان جي مقابلي ۾ زيڪ گولڊ اسمٿ جي منظوري عمران اسرائيل جي ڳٺ جوڙ جو ثبوت آهي ،فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف اي پي سي ۾ پي ٽي آءِ جي عدم شرڪت پي ٽي آءِ ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ وائکي ٿي چڪي آهي .سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته زچ گولڊ سمٿ جهڙا ماڻهو پي ٽي آئي لاءِ سازگار ۽پاڪستان مخالف بيانيه کي هٿي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي مستحڪم ادارن خلاف سازشون ۽ حملا اسرائيل جي آشيرواد سان ٿي رهيا آهن، عمران خان ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪري يهودي مفادن لاءِ راهه هموار ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو