خان جو فوجي ٽرائل ڪيس،  دفاع واري وزارت کان واضع موقف طلب

خان جو فوجي ٽرائل ڪيس، دفاع واري وزارت کان واضع موقف طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل بابت حڪومت کان واضح موقف طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ممڪنه فوجي نظربندي ۽ ٽرائل روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته فوجي حراست جو ڪهڙو طريقو آهي؟ سياستدانن ۽ فوجي آفيسرن جا بيان رڪارڊ تي اچي ويا آهن، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر جا بيان اچن ٿا ته اهي سنجيده آهن.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بچاءَ واري وزارت کي اڄ تائين فوجي حراست ۽ ٽرائل بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. دفاع واري وزارت طرفان بيان ڏئي رهيو آهيان ته اڃا تائين اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي آئي، جيڪڏهن ڪا درخواست آئي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان نٿا سمجهو ته توهان جي درخواست وقت کان اڳ آهي؟ توهان جي درخواست تي، مون نوٽيس جاري نه ڪيو پر بيان لاء چيو. اڄ جي دور ۾ لفظن جي جنگ هلي رهي آهي، عدالت توهان جي تڪليف کي به سمجهي ٿي ۽ اسان جي حدن کي به سمجهي ٿي، هن ڪيس ۾ مون وٽ وڃڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو