ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ ڪلفٽن ۾ زمزمه اسٽريٽ تي واقع هڪ خانگي سپر مارڪيٽ ۾ اوچتو خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ فائر برگيڊ جون ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون.فائر برگيڊ عملدارن موجب، 6 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، پر، بيسمنٽ ۾ تيز دونھين ۽ اونداھي سبب، ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بيسمنٽ تائين رسائي لاءِ دروازا ڪٽرن سان ڪٽيا پيا وڃن ته جيئن اندر ڦاٿل ڪنهن به شخص کي بروقت بچائي سگهجي ۽ باهه تي ضابطو آڻي سگهجي.آفيسرن موجب، باهه لڳڻ جا سبب فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهن.










