ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبي ۾ ڊينگي جي صورتحال بابت پنهنجي روزاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي۔ رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 63 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 52 مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي، جنهن کان پوءِ پوري صوبي ۾ هن وقت علاج هيٺ مريضن جو مجموعي انگ 114 ٿي ويو آهي۔ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 31 مريض ۽ حيدرآباد ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 15 مريض داخل ڪيا ويا۔ صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 69 مريض صحتياب ٿي گهر روانا ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 79 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿيا۔ رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب صوبي ۾ ڪنهن به فوتگي جي اطلاع نه ٿي آهي۔ صحت کاتي جي روزاني رپورٽ موجب صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ مجموعي طور 4562 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 516 ٽيسٽ هاڪاري آيا۔ انهن هاڪاري ڪيسن مان سڀ کان وڌيڪ تعداد ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيو، جتي 275 ماڻهن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي ليبارٽرين مان 241 مثبت ڪيس سامهون آيا۔ سنڌ جي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل شهريّن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڊينگي کان بچاءَ لاءِ احتياطي قدم اختيار ڪن ۽ بخار يا ٻين علامتن جي صورت ۾ فوري طور ويجهڙائي جي صحت مرڪز سان رابطو ڪن۔










