اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 53 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 293 رپيا 94 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 14 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 290 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 69 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي نئين قيمت 193 رپيا 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 6 رپيا 54 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 174 رپيا 34 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 60.60 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي.نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون. پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندا.ناڻي واري وفاقي وزارت موجب عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل 15 ڏينهن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.










