اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 56 پئسا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 252 رپيا 66 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 96 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 258 رپيا 34 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.










