حڪومت منشيات جي خلاف سخت مھم ھلائي آھي،شرجيل ميمڻ

حڪومت منشيات جي خلاف سخت مھم ھلائي آھي،شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڇيو آھي تھ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ياد ھجڻ گھرجي تھ حڪومت منشيات جي خلاف سخت مھم ھلائي آھي، آئون اڳ بھ اسمبلي فلور تي واضح ڪري چُڪو آھيان تھ ھر ميمبر پاڻ کي منشيات جي خاتمي جو وزير سمجھي ڇاڪاڻ تھ منشيات رڳو ھڪ اداري يا حڪومت جو نھ پر پوري قوم ۽ نوجوان نسل جو مسئلو آھي.سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالھائيندي ھن چيو تھ منشيات رڳو سنڌ يا پاڪستان جو مسئلو ناھي پري پوري دُنيا کي درپيش چيلنج آھي، جنھن جا عالمي سطح تي نيٽ ورڪس ڪم ڪري رھيا آھن. سندس چوڻ آھي تھ سنڌ ۽ پاڪستان اسان سڀني جو گھر آھي ۽ منشيات جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي، اُن لاءِ سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ ضروري آھي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ھو تھ انمول عرف پنڪي جي گرفتاري اُن ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ حڪومت منشيات جي خاتمي جي لاءِ سنجيدھ آھي. ھن اپوزيشن ليڊر تي تنقيد ڪندي چيو تھ کيس اسمبلي کان ٻاھر گفتگو ڪرڻ بدران اسمبلي فلور تي ڳالھھ ڪرڻ گھرجي ھا. سندس موجب جيڪڏھن اپوزيشن ليڊر ميمبرن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جي ڳالھھ ڪئي آھي تھ ھي سُٺي تجويز آھي ۽ سڀني جون ٽيسٽون ٿيڻ گھرجن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورتگ جي مذمت ڪندي چيو تھ جيڪڏھن آئون نالا کڻڻ تي اچان تھ تمام گھڻا نالا سامھون اچي سگھن ٿا، اُن لاءِ ڪنھن جي عزت خراب ڪرڻ مناسب ناھي. ھن وڌيڪ چيو تھ جيڪو بھ منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ھوندو اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس موجب ھن معاملي ۾ ڪيترائي مشھور ماڻھو ۽ ڪجھھ اسٽارز جا نالا بھ شامل آھن، پر حڪومت جو مقصد ھن ناسور جون پاڙون پٽي ختم ڪرڻ آھي. ڇاڪاڻ تھ ھي معاشري جو بدترين مسئلو بڻجي چُڪو آھي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو تھ فريال تالپور، اسمبلي جي حدن ۾ ٿيل اجلاس ۾ پوليس کي منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي جون ھدايتون جاري ڪيون. ھن وڌيڪ چيو تھ متحدھ قومي موومينٽ جي پارلياماني ليدر ھن معاملي کي سياست جي ور چاڙھيو جيڪا ڳالھھ افسوسناڪ آھي، جيڪڏھن ھو اسمبلي جي فلور تي ڳالھھ ڪري ھا تھ ھر ڳالھھ جو شاھدين سان گڏ جواب ڏنو وڃي ھا.

پهنجو تبصرو موڪليو