حيدرآباد (پ ر) مائڪرو، سمال ۽ وچولي واپار جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان سنڌ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ننڍا واپار متعارف ڪرايا ويا آھن، جنھن جي نمائش حيدرآباد جي ھڪ سماجي تنظيم طرفان نجي ھوٽل ۾ ڪئي وئي. جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن سميت سرڪاري ادارن جي نمائندن ۽ عورتن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري چيو ته ضلعي حڪومت حيدرآباڊ ۾ عورتن جي واپار لاءِ الڳ بازار جوڙڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ۾ صرف عورتون ئي ڪاروبار ڪري سگهنديون، ان سلسلي ۾ سماجي تنظيمون ۽ واپاري تنظيمون اڳتي اچن، ضلعي حڪومت ساڻن هر ممڪن سهڪار ڪندي. هن چيو ته ان بازار ۾شهر توري ٻهراڙي جون عورتون سلائي ڪڙهائي، سميت هر قسم جون ڪاروبار ڪري سگهنديون ۽ پنهنجي واپار کي اڳتي وڌائي شهرن تائين کڻي اچڻ جو موقعو ملندو. حيدرآباد جي ميئر وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جي ايڪسپو سينٽر ۾ پڻ عورتن طرفان شروع ڪيل ننڍن ننڍن ڪاروبارن جي ڪا نمائش هڻڻ چاهيو ته ضلعي حڪومت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاشف شورو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي پڻ پنهجي زرعي پيداوار سان گڏو گڏ ان مان واڌو ٺهندڙ شين تي ڌيان ڏئي ننڍا ڪاروبار شروع ڪرڻ گهرجن ته جيئن سندن حالت بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت پڻ بهتر ٿي ويندي. نجي تنظيم سافڪو جي روح روان سليمان جي ابڙو چيو ته ننڍي واپار جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جو مقصد عوام کي ننڊي واپار ڏانھن راغب ڪرڻ آھي ته جيئن آھي واپار ڪري نه صرف پنھنجي مالي حالت بھتر ڪن پر ان سان گڏوگڏ ملڪي معيشت جي ترقي ۾ به ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ٻھراڙيءَ مان ڪڻڪ، کير سميت ڪيتريون ئي شيون اچن ٿيون پر ان مان ٺھندڙ شيون صرف شھرن ۾ ٺھن ٿيون، اھا سموري مشينري آبادگارن کي ملي ته جيئن آبادگار پنھنجي شين مان واپار ۽ مارڪيٽ جي ضرورت مطابق اضافي شيون ٺاهي ۽ وڪرو ڪري سگھن. سليمان ابڙو چيو ته شھرن ۾ حڪومت طرفان شهرن ۾ ڪمرشل مالز جي طرز تي زرعي مال ٺھڻ گھرجن ته جيئن آبادگار پنھنجي تازين شين يعني سبزين، فروٽن ۽ انھن مان ٺھندڙ شين کي ان مال ۾ رکي پاڻ وڪرو ڪري سگھن. ان سان مڊل مين جو ڪردار ختم ٿي ويندو ۽ آبادگار سڌو سنئون ان مان فائدو کڻي سگھندا. ھن چيو ته زرعي حوالي سان پاڪستان ترقي يافتہ ملڪن کان ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي آھي، جيڪڏهن ان جي ترقي لاء اپاء نه ورتا ويا ته خوراڪ جي ڪمي جو.معاملو سامھون ايندو.هن چيو ته سول سوسائٽي توڙي سماجي ادارن جو ڪم پارليامينٽ ۾ ويٺل عوامي نمائندن تائين پهچائڻ آهي، جيڪي وقت به وقت سمورا معاملا انهن آڏو پيش ڪريون ٿا ته جيئن آھي ان تي قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن زرعي واپار جي حوالي سان پاليسي جوڙي وڃي. ھن چيو ته نوڪرين لاء ڌڪا کائيندڙ نوجوان حڪومت جي پاليسين مان فائدو کڻن جنھن ۾ واپار لاءِ ھڪ لک کان ھڪ ڪروڙ تائين جا قرض آسان شرطن تي مھيا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نوجوان ان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪن ته جيئن عوام، صوبو ۽ ملڪ ترقي ڪري ۽ اسان جي ملڪ ۾ خوراڪ جي ڪمي ۽ غربت ختم ٿئي ۽ ترقي ٿئي. سليمان ابڙو چيو ته سنڌ حڪومت جي مدد سان سندن سماجي تنظيم نوابشاهه، سانگھڙ ۾ 256 گھر ٺاھي رھي آھي جنھن ۾ سولر ۽ ٻيون سهولتون پڻ شامل آھن. هن چيو ته ادارن کي همٿائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن غربت کي ختم ڪري ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگھجي. نجي تنظيم جي چيئر پرسن پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته واپار ۾ معيار، پيڪنگ، قيمت ۽ پروموشن تي ڌيان ڏيڻ سان ڪا به پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ بهتر جاءِ والاري سگهي ٿي، ان لاءِ ڳوٺاڻن کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. تقريب پراجيڪٽ مئينجر مصطفي راجپر چيو ته يورپي يونين ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ننڍا واپار شروع ڪرايا ويا آهن ته جيئن غربت جو خاتمو آڻي سمجي ۽ زرعي ترقي کي هٿي وٺرائي سگهجي، تقريب کي سيد سجاد علي شاه، ڊي جي زراعت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










