حڪومت عوام بدران تيل ڪمپنين کي فائدو پهچايو: مفتاح اسماعيل

حڪومت عوام بدران تيل ڪمپنين کي فائدو پهچايو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت عوام جي بدران تيل ڪمپنين کي فائدو پهچايو آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت پيٽرول تي ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن سان تيل ڪمپنين کي 35 رپيا في ليٽر اضافي منافعو مليو آهي، جڏهن ته ساڳئي طرح ڊيزل تي ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري تيل ڪمپنين کي 70 رپيا في ليٽر اضافي منافعو ڏنو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته تيل ڪمپنين کي صارفين ۽ حڪومت جي خرچ تي وڏو منافعو ڏنو پيو وڃي.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو آهي ته تيل ڪمپنيون اڄ جيڪو پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪري رهيون آهن، انهن جي قيمت 28 فيبروري کان اڳ گهٽ هئي، ۽ جيڪي قيمتون اڳ ۾ 1 مارچ کان 15 مارچ تائين مقرر ڪيون ويون هيون، انهن ۾ اڳ ۾ ئي خرچ ۽ منافعو شامل هو، ۽ هاڻي قيمتون وڌائڻ ۽ ڪمپنين کي وڌيڪ منافعو ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته اهو اصل ۾ تيل ڪمپنين کي وڌيڪ منافعو ڏيڻ لاءِ بحران جو فائدو وٺڻ جي برابر آهي، ۽ اهو ساڳيو ئي آهي جيئن حڪومت شگر ملز کي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن سان شگر مل مالڪن جو منافعو وڌيو پر عوام کي نقصان پهتو.هن اهو به چيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽرول جي کوٽ کان بچڻ چاهي ها ته هڪ هفتي لاءِ ليوي وڌائي سگهي ها يا اهو ٿي سگهي ها ته حڪومت تيل ڪمپنين ۽ پيٽرول پمپن جي بهتر نگراني ڪري ها، پر حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو جنهن سان تيل ڪمپنين کي ٻيا قدم کڻڻ بدران فائدو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو