حڪومت عالمي ادارن کان قرض کڻي ٽيڪس ڏيندڙ  شهر ۾ منصوبا ٺاهي پئي

حڪومت عالمي ادارن کان قرض کڻي ٽيڪس ڏيندڙ شهر ۾ منصوبا ٺاهي پئي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ عالمي ادارن جي فنڊز وارن منصوبن تي پنهنجي نالن جون تختيون لڳائي عوام کي ڌوڪو ڏئي رهي آهي.متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن مُک روڊن جي ڀڃ ڊاهه ۽ سنڌ حڪومت جي نمائشي سياست تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻين عالمي ادارن جي فنڊز سان ٺهندڙ منصوبن تي پنهنجي نالي جون تختيون لڳائي عوام کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد مان جاري ڪيل بيان ۾ متحده جي اسيمبلي ميمبرن چيو ته ڪراچي جا روڊ ۽ انفرااسٽرڪچر سنڌ حڪومت جي پنهنجي بجيٽ مان نه پر عالمي ادارن کان کنيل قرضن ۽ گرانٽس جي بدولت آهن. هنن چيو ته قرض جي پيالي ۽ پنهنجي واهه جي مصدق سنڌ ۾ اهو نظام هلي رهيو آهي. ملڪ کي پاليندڙ شهر سان اها ڪهڙي ستم ظريقي آهي ته ڪم عالمي بينڪ ۽ ايشين بينڪ جي پئسن سان ٿي رهيو آهي جنهن جو بار به آخرڪار انهي عوام وڌيڪ ٽيڪس جي صورت ۾ لاهڻ آهي پر سنڌ حڪومت جي وزيرن انهي تي پنهنجي نالي جون تختون لڳائي ائين پيش ڪري رهيا آهن جيئن اهو انهي جو ذاتي ڪارنامو هجي.متحده جي اسيمبلي ميمبرن سوال اٿاريو ته ڪراچي ۾ جمع ٿيندڙ اربين روپين جي ٽيڪس ۽ سنڌ حڪومت جو پنهنجو ساليانو ترقياتي بجيٽ ڪٿي غائب ٿي ويندو آهي؟ جيڪڏن مُک روڊن جي ڪجهه ملو ميٽرن جي لاءِ به عالمي ادارن جو سهارو وٺڻو پوي ته پوءِ صوبائي ناڻو ڪنهن جي کيسي ۾ وڃي رهيو آهي؟ ميمبرن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪاغذي شينهن بنجڻ جي بجاءِ انهن منصوبن جي شفافيت تي ڌيان ڏئي، عالمي ادارن جي فنڊز سان ٺهندڙ روڊن تي تختون لڳائڻ جي ڊوڙ ته لڳل آهي پر اهڙن منصوبن ۾ ٿيل دير ۽ معيار تي ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس نه آهي، نام نهاد مقامي سنڌ حڪومت جي پنهنجي ڪاڪردگي صرف انهن کڏن تائين محدود آهي جيڪي هر روڊ تي موجود آهن ۽ ميڊ ان سنڌ گورنمنٽ جو اصل اشتهار آهن.سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته عالمي بينڪن کان ملندڙ فنڊز جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ عوام کي ٻڌايو وڃي ته اهڙن ادارن مان ورتل رقم جو ڪيترو حصو واقعي زمين تي لڳو ۽ ڪيترو ڪميشن مافيا جي حوالي ٿي ويو. هن واضح ڪيو ته عوام هاڻ باشعور ٿي چڪي آهي اهي هاڻ صرف رنگ، روغن ۽ تختين سان مطمئن نه ٿيندا انهن کي معياري ۽ پائيدار انفرااسٽرڪچر گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو