حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مرضي جا جج لڳائڻ چاهي ٿي

حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مرضي جا جج لڳائڻ چاهي ٿي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي مرضي جا ججز لڳائڻ چاهي ٿي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چيف جسٽس کي ججز جي عمر بابت چٽن لفظن ۾ پنهنجو موقف ڏيڻ گهرجي ها، جڏهن ججز جي باري ۾ اهڙيون خبرون سامهون اينديون ته هي انهن جو ماڻهو آهي، هو انهن جو ماڻهو آهي ته عوام ڪيڏانهن ويندو.حافظ نعيم چيو ته اميد ڪريان ٿو ته چيف جسٽس سامهون ايندو ۽ چوندو ته منهنجي ايڪسٽينشن ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي. هن حڪومت کي عدالتي معاملا ڇيڙڻ ئي نه گهرجن. آئين هڪ اهڙو ڊاڪيومينٽ آهي جنهن تي عوام متفق آهي، موجوده حالتن جي حوالي سان هي بل ملڪ لاءِ خطرناڪ ڳالهه هوندي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سلمان اڪرم راجه جي بيان تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريان ٿو، فوج ۽ عوام جي سامهون اچڻ جو تمام وڏو مسئلو آهي، رحيم يار خان ۾ حملي دوران 12 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، ڪي پي ڪي ڏاکڻي ضلعي ۾ پوليس عورت جو بائيڪاٽ ڪيو. حڪومت جي ذميواري آهي ته سڀني کي هڪ پيج تي کڻي اچي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو جماعت اسلامي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي رهي آهي، ماڻهن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي، مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.هن مطالبو ڪيو ته انڊسٽريون بند ٿي رهيون آهن، بيروزگاري وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ گهرجن.مهانگائي سبب عوام تمام گهڻو پريشان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو