حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.شگر مل مالڪن کي يقين نه اچي سگهيو ته کنڊ جي ايڪسپورٽ جي صورت ۾ اگهه نه وڌندا، حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي جو فيصلو ڪري ورتو.پيداوار واري وفاقي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شگر ملز مالڪ اهو يقين نه ڏياري سگهيا ته کنڊ برآمد ٿيڻ جي صورت ۾ اگهه نه وڌندا.حڪومت لاڳاپيل انجمن کان لکت ۾ يقين ڏياريو آهي.ذريعن موجب ايڪسپورٽ جي اجازت جي سمري جي خبر تي مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه وڌڻ شروع ٿي ويو آهي، سمري منظور ٿيڻ کانپوءِ کنڊ جو اگهه 25 رپيا تائين وڌي سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ادارن حڪومت کي کنڊ جي معاملي تي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو