اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو سينئر آفيسر محمد اڪرم برق ساڍا 35 سال سرڪاري ملازمت بعد جمع تي رٽائر ٿي رهيو آهي. پي آءِ ڊي جي سينئر آفيسرن سندس مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني، سندس بهترين خدمتن جي مڃتا طور کيس شيلڊ به پيش ڪئي وئي. کيس شيلڊ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل رئيسا عادل ۽ ڊائريڪٽر محمد صغير احمد وٽو پيش ڪئي. ان موقعي تي گروپ فوٽو به ڪڍيو ويو.

محمد اڪرم برق طبيعت ۽ ڪم جي اعتبار کان به برق آهي. هونئن ته جهلم جي علائقي پنڊ دادن خان جو چوڌري آهي پر اسڪول ۾ هم ڪلاسي ٻه ٽي چوڌري اڪرم هجڻ ڪري استاد سندس نالو محمد اڪرم برق رکيو. ڇو ته هو هر ڪم تيز ي سان ڪرڻ جو عادي هو. اڪرم برق صاحب پي آءِ ڊي جي مختلف شعبن ۾ رهيو ۽ جتي به رهيو سندس ٽيبل تي فائيل پينڊنگ ۾ نظر نه آيو. هو مرحوم مير هزار خان بجاراڻي سميت مختلف وفاقي وزيرن سان به ڪم ڪندو رهيو ۽ سڀ سندس برق رفتاري سان ڪم تي سندس تعريف ڪندا هئا. هو اشتهارن جي شعبي ۾ به رهيو ۽ سدائين سندس موقف هوندو هو ته اشتهارن جي ورڇ برابري جي بنياد تي ڪئي وڃي. شايد اهوئي سبب هو ته ان شعبي ۾ گهڻو عرصو کيس رهڻ نه ڏنو ويو. اڪرم برق جيڪو سدائين مختلف حڪومتن جي حق ۾ خبرون لڳرائيندو رهيو، اهو اڄ پاڻ خبر بڻجي ويو.










