حڪومتي آفيشل ۾ اهڙو ڪو ناهي جيڪو چوي عافيه جي وڪيل سان گڏ آهيون

حڪومتي آفيشل ۾ اهڙو ڪو ناهي جيڪو چوي عافيه جي وڪيل سان گڏ آهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عافيه صديقي ڪيس ۾ چيو آهي ته حڪومتي اهلڪارن مان ڪو به اهڙو ناهي جيڪو چوي ته اسان عافيه صديقي جي وڪيل سمٿ سان گڏ آهيون.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي ۽ وطن واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار فوزيه صديقي جو وڪيل عمران شفيق، عدالتي مددگار زينب جنجوعه، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عافيه جو آمريڪي وڪيل ڪلائيو سمٿ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت چيو ته عافيه صديقي ڪيس ۾ ڪلائيو سمٿ ڪوشش ڪئي ۽ افغانستان به ويو، حڪومت جو ڪو به آفيسر نٿو چوي ته سمٿ سان گڏ آهيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت کي ڪهڙي ڳالهه جو خوف آهي؟ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت فوزيه صديقي کي مستقل بنيادن تي سپورٽ ڪري رهي آهي. جڏهن هڪ پاليسي سطح جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو، اهو ڪجهه وقت وٺندو آهي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هو وائيٽ هائوس کي رحم جي درخواست لکي رهيو آهي يا نه؟ عدالت ڪلائيو سمٿ کي عافيه صديقي جي رحم جي درخواست جو مسودو هڪ هفتي اندر پاڪستاني حڪومت سان شيئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بعد ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي 5 هفتن جي مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو