حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ قاسم آباد جي ھٿرادو ٻوڙيل مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳوٺاڻن کي خطاب ڪندي چيو تہ منڇر، حمل ۽ سم نالن کي گھارا ھڻي لکين ماڻھو دربدر ڪري ھاڻ ھاڪڙو درياھ کي ھٿرادو بند ڏئي لکين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳايون ويون آھن. پاڻي جي قدرتي گذرگاھن کي بند ڪرڻ دھشتگردي آھي. سمورا قبضا ختم ڪيا وڃن. ھن وقت برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لکين ماڻهون روڊن تي ويٺل آهن جن کي سنڌ حڪومت بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آهي. پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي روڊن تي دربدر ٿيندڙ ٻوڏ متاثرين مليريا، گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري رھيا آهن. ٻڏل سنڌ جي ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي نہ آهي راشن جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. چوپايو مال گاھ نہ ھجڻ ڪري ۽ بيمارين ۾ وڏي تعداد ۾ مري رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌين کي ٻہ ھزار روپيا ڏئي پھرين سنڌين کي پينو فقير بڻايو. انڪم سپورٽ پروگرام آهي اوهان جي عزت نفس ختم ڪرڻ توهان کي ٽڪي ٽڪي جو فقير بڻائڻ توهان مرو ۽ تباھ ٿيو اوهان جي سامهون ھزار روپيہ جو نوٽ اڇلائجي ان نوٽ جي ڪري توهان پنهنجون زلتون وساري نوٽ جي پويان ڊوڙو. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ڪو بہ سنڌين سان واسطو ڪونهي. سنڌي ڪا ترقي ڪن پنهنجي پيرن تي بيھن انهن کي رسوا ڪرائڻو آهي. عزت نفس ختم ڪرڻي آهي. سنڌي آفيسر ڌنڌو ڪرڻ اچي ٿو. اڪثريت ھاڻي اھي وزير، ايم پي ايز،ايم اين ايز، وڏيرا،سردارن جا پٽيوالا ٿي ڌنڌو پيا ڪن تہ جنھن پيسا ڪمايون ٻوڏ پاڻ سڀ ھنن جو ڌنڌو آھيون اربين روپيا ٺاھيندا پوءِ وري وڃي لنڊن، آمريڪا، دبئي سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گھر ۽ ٻيون پراپرٽيون خريد ڪندا ھي ٽپڙ ميري ٻوڏ متاثرين جا لاش وڪري، امدادون گڏ ڪري ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن پٺو ٿي پوءِ پيسا ٻاهر موڪليندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ وزير سڀ ڏنڍ ڪڍي کلن پيا اسان وري بہ 2023 ۾ کٽي اينداسين سال ٻن کان پوءِ وري سنڌين کي ٻوڙينداسين ھنن ماڻهن سان حشر ڪري ڇڏيو آهي ان حشر جي ڪري سنڌ جو ماڻهو ايڏو غلام، حيسجي، دٻجي ويو آهي جو ڳاٽ اونچو ڪري ھنن سان ڳالهائيندي ڊڄي ٿو.










