حيدر آباد پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار گرفتار،ساٿي فرار

حيدر آباد پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار گرفتار،ساٿي فرار

حيدر آباد(ن س)ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي هدايت تي منشيات فروشن خلاف جاري خاص مهم تحت ٿاڻو مڪي شاهه جي ايس ايڇ او انور خانزادو ۽ سندس ٽيم هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران مڪي شاهه پوليس ڪينٽ قبرستان ڀرسان فٽبال گرائونڊ وٽ ٻن منشيات فروشن (آئس ڊيلرن) کي شڪ جي بنياد تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس کي ڏسي جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس پارٽي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس پنهنجي حفاظت خاطر جوابي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار شعيب پٺاڻ ساکن امريڪن ڪوارٽرز زخمي ٿي پيو ۽ موقعي تي ڪري پيو، جڏهن ته سندس ساٿي اياز شاهه موٽر سائيڪل تي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زخمي جوابدار شعيب پٺاڻ کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ايل ايم سي اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. فرار جوابدار اياز شاهه جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيم روانه ڪئي وئي آهي. ابتدائي جاچ موجب ٻئي جوابدار منشيات فروشي سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث رهيا آهن، جن جو ڪريمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي. زخمي جوابدار جي قبضي مان ڪلاشنڪوف نما رائيفل هٿ آئي آهي. گرفتار ۽ فرار جوابدارن خلاف مقدمو نمبر 164/2025 تحت دفعا 324، 353، 34 پي پي سي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غيرقانوني هٿيار رکڻ تي زخمي جوابدار خلاف الڳ مقدمو نمبر 165/2025 تحت دفعو 25 سنڌ آرمز ايڪٽ داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو پوليس ٽيم جي بروقت ۽ بهادرانه ڪارروائي جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون بنا فرق ۽ ڀرپور انداز ۾ جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو