حيدر آباد (رپورٽر) سنڌ صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدر آباد ۾ هلندڙ سال پوليو جو 16هون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، پوليو پوگرام جي آفيسر مطابق حيدر آباد ۾ 29 ميهنن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، پوليو بابت ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر انوار الحق مطابق پوليو ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، حيدر آباد ۽ ڪراچي جي ضلعن ۾ پوليو وائرس ڪافي مهينن کان موجود آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم جي پوليو بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فارق چيوته پوليو جو ڪٿي به ٿيڻ هر ٻار لاءِ خطرو آهي، صوبن جي صلاح مشورن سان پوليو جي پکيڙ روڪڻ لاءِ جامع روڊ ميپ تي عمل ٿي رهيو آهي، پوليو متاثر ضلعن ۾ سيپٽمبر ۾ پوليو مهم هلائي ويندي.










