حيدرآباد: (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ دڪان اندر گيس سلينڊر ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿي پيا آهن. دڪان ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ دڪان جي مٿان واري گهر کي به باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.










