حيدرآباد  ۾ مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ساٿي فرار

حيدرآباد ۾ مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ساٿي فرار

حيدرآباد: (ن س ) حيدرآباد ۾ پوليس ڪجهه ڪلاڪن جي دوران ٻن مختلف مبينه مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته انهن جا 2 ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب ٻئي ڪارروايون ڏوهارين جي خلاف ڪيون ويون.پهريون واقعو نسيم نگر جي علائقي ۾ آءِ ڪون سٽي جي ڀرسان پيش آيو جتي پوليس موٽر سائيڪل سوار شڪي ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پوليس موجب ڏوهارين بيهڻ جي بجاءِ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته انهي جو ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو.گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ مظهر علي ڀٽي جي نالي سان ٿي آهي جنهن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار پڻ هٿ آيو، پوليس موجب ڏوهاري ماضي ۾ به 26 کان وڌيڪ ڪيسز ۾ ملوث رهي چڪو آهي. زخمي ڏوهاري کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فرار ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻيو مقابلو ٽنڊو يوسف روڊ تي پيش آيو جتي پوليس واردات جي نيت سان گهمندڙ ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ڏوهارين جو پيڇو ڪيو. پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته انهي جو ساٿي واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ اويس عرف ڀٽو هزاري وال جي نالي سان ٿي آهي جنهن جي قبضي مان 30 بور پستول پڻ هٿ آيو آهي.پوليس موجب گرفتار ۽ فرار ڏوهارين جو تعلق، ڦرن، موٽر سائيڪل چوري ۽ منشيات فروشي جهڙن ڏوهن سان آهي انهي جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيز داخل آهن. پوليس فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو