ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي 30 ارب رپين کان وڌيڪ جي ترقياتي، فلاحي ۽ اصلاحي ايجنڊا جي منظوري ڏني، جنهن ۾ انفراسٽرڪچر، صحت، طرزِ حڪمراني، تعليم ۽ عوامي رليف لاءِ فنڊز، گرانٽس ۽ ادارياتي قدم شامل آهن۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين انتظامي ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي۔ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ سان گڏ مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ کان متاثر ڌرين کي سڌو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته صوبائي حڪومت هڪ ئي وقت انفراسٽرڪچر جي ترقي، سماجي تحفظ، صحت جي شعبي ۾ سڌارا، ڊجيٽل گورننس ۽ ادارياتي مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن سڄي سنڌ ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي۔
مهاڻڻ لاءِ فيول سبسڊي
وڏي وزير، ڪابينا جي منظوري سان، ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ صوبي جي ماهيگيرن کي فوري مالي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 515 ملين رپين جي فيول سبسڊي پيڪيج جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير چيو ته هي قدم هڪ ڀيري ادائيگي جي صورت ۾ هوندو جيڪو ٻه مهينا تيل جي خرچن کي ڍڪيندو، ڇاڪاڻ ته ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب مڇيءَ جي شڪار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ هزارين ماڻهن جي روزگار کي خطرو پيدا ٿيو آهي۔هن اسڪيم تحت، 9,634 رجسٽرڊ ٻيڙين کي ٽارگيٽيڊ مدد فراهم ڪئي ويندي، خاص طور تي ننڍي پيماني ۽ ساحلي آپريشن تي ڌيان ڏنو ويندو.ڪل 2,331 ننڍيون ٻيڙيون، جن جي ڊيگهه 18 کان 24 فوٽ آهي ۽ 20 هارس پاور آئوٽ بورڊ انجڻون آهن، انهن مان هر هڪ کي 200,000 رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن جي ڪل رقم 466.2 ملين رپيا ٿيندي۔ڪل 488 ٻيڙيون، جن جي ڊيگهه 10 کان 15 فوٽ آهي ۽ 5 کان 10 هارس پاور انجڻون آهن، انهن مان هر هڪ کي 100,000 رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن جي ڪل رقم 28.8 ملين رپيا ٿيندي۔شفافيت ۽ آڊٽ جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائڻ لاءِ، سبسڊي ڊجيٽل طريقي سان ورهائي ويندي، وزير ماهيگيري محمد علي ملڪاني چيو ته ماهيگيرن کي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ميرين يا ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي (ڪي ايف ايڇ اي) سان آن لائين رجسٽريشن مڪمل ڪرڻي پوندي۔ تصديق ٿيڻ کان پوءِ، رقم سڌي ريت ٻيڙي مالڪن جي ڏنل بينڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي گڏيل انتظامي ڪميٽي ڪندي۔
مڪاني کاتي جا منصوبا
مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه ناڻي خاتي جي ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون، جن کي ڪابينا منظور ڪيو۔ انهن ۾ شامل آهن.سنڌودرياءَ تي پل: وڏي وزير مالي ڪميٽي جي سفارش تي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سنڌودرياءَ تي 1.12 ڪلوميٽر ڊگهي هاءِ وي پل جي انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ 147.2 ملين رپين جي ڪنسلٽنٽ سروسز لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏني۔وڏي وزير چيو ته هي پل ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن اچ وڃ جي هلڪي ۽ ڳري ٽرئفڪ لاءِ وڏي سهولت ثابت ٿيندي۔ڪابينا حيدرآباد ۾ قبرستان جي تعمير لاءِ 252.206 ملين رپيا، قاسم آباد ۾ ڪيترين نون پاڻي جي فراهمي وارين پائيپ لائينون وڇائڻ لاءِ 800 ملين رپيا منظور ڪيا۔ 6 ايم جي ڊي خانپوٽا واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ واهه مان پاڻي آڻڻ لاءِ به هڪ نئين لائين وڇائي ويندي۔ڪابينا قاسم آباد چوڪ تي انڊر پاس ۽ لنڪ روڊ جي تعمير لاءِ 800 ملين رپيا منظور ڪيا، جڏهن ته لطيف آباد ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ 500 ملين رپيا منظور ڪيا۔ڪابينا شيخ اياز روڊ کي سنڌ ميوزيم کان علي پيلس پمپنگ اسٽيشن تائين ويڪرو ڪرڻ ۽ ان سان گڏ ڊرينيج سسٽم تعمير ڪرڻ لاءِ 1.2 ارب رپيا منظور ڪيا۔ ان سان گڏ گدو چوڪ کان يا علي ڪالوني تائين مير فتح ڪالوني وسيلي ڊرينيج چينل جي تعمير لاءِ 900 ملين رپيا منظور ڪيا ويا۔
ڪراچي روڊ ۽ ايس ٿري منصوبا
هڪ اهم 6.5 ارب رپين جي رقم ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي گرانٽ اِن ايڊ طور منظور ڪئي وئي ته جيئن 24 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ٽي ايم سيز) ۾ روڊ انفراسٽرڪچر جي بحالي ڪئي وڃي۔وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت شهر جي روڊ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هن ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته فوري طور فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن روڊن جي بحالي جو ڪم شروع ٿي سگهي۔ڪابينا ايس ٿري منصوبي جي تحت هارون آباد ۾ ايس ٽي پي ون جي پهرين مرحلي جي مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپيا منظور ڪيا۔
ڊرينيج ۽ پاڻي
ڪابينا لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج سسٽم جي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 4 ارب رپيا منظور ڪيا۔
قانوني ۽ عدالتي سڌارا
عدالتي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ عدالتن جي سهولتن کي وڌائڻ لاءِ به وڏي پيماني تي مدد ڏني وئي.وڏي وزير ضلعي عدالتن ۾ ڪيسن جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اليڪٽرانڪ سرٽيفائيڊ صحيح نقول جاري ڪرڻ لاءِ 48.9 ملين رپيا منظور ڪيا۔اجلاس ۾ مورو ۾ چار عدالتن جي عمارتن جي تعمير لاءِ 432.597 ملين رپيا منظور ڪيا۔وڏي وزير پير الهٰي بخش لا ڪاليج دادو لاءِ 25 ملين رپين جي هڪ ڀيري گرانٽ اِن ايڊ جي منظوري پڻ ڏني۔
سکر ٽراما سينٽر
ڪابينا غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر ۾ 50 بسترن تي ٻڌل ٽراما ۽ ايمرجنسي رسپانس سينٽر لاءِ مشينري ۽ سامان جي خريداري لاءِ 635.48 ملين رپيا منظور ڪيا، ۽ هدايت ڪئي ته ان کي جون 2026 تائين فعال بڻايو وڃي۔
يتيم خانو
وڏي وزير عمرڪوٽ ۾ يتيم خاني جي قيام لاءِ 80 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني۔
تعليم
ڪابينا ڪميٽي جي سفارش تي وڏي وزير سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي لاءِ ابتدائي ٻارڙن جي سنڀال ۽ تعليم (اي سي سي اي) جي عمارت جي تعمير لاءِ 90 ملين رپيا منظور ڪيا۔
سنڌ جاب پورٽل
مراد علي شاهه سنڌ جاب پورٽل (ايس جي پي) جي ٻئي سال جي قسط لاءِ 86.535 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا ٽيڪنيڪل سپورٽ ۽ آپريشنز لاءِ هوندي۔ صوبي ۾ مصنوعي ذهانت جي قدمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ “انڊس اي آءِ ويڪ 2026” لاءِ به فنڊز منظور ڪيا ويا۔
انتظامي فيصلا
ڪابينا سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايس ڊي اي) جي بقايا رھتن جي ادائيگي لاءِ 615.7 ملين رپين جي منظوري ڏني، جيڪا هڪ سخت بحالي واري منصوبي سان لاگاپيل آهي. منصوبي ۾ نئين ڀرتي تي پابندي ۽ سرپلس پول ۾ 421 اضافي ملازمن جو اضافو شامل آهي. ان کان سواءِ سينٽر فار ايڪسٽريمزم (سي وي اي) جي آپريشنلائيزيشن لاءِ 42.86 ملين رپيا مختص ڪيا ويا.
انسداد تجاوزات ٽربيونل
سنڌ پبلڪ پراپرٽي (ريموول آف انڪروچمينٽ) ايڪٽ 2010 جي مؤثر نفاذ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، ڪابينا شهيد بينظير آباد ڊويزن لاءِ حددخلين خلاف ٽربيونل جي قيام جي منظوري ڏني۔
ميگا قبرستان لاءِ زمين
صوبائي راڄڌاني ۾ تدفين جي وڌندڙ ضرورت کي نظر ۾ رکندي، ڪابينا ضلعي ملير جي ديهه ميٺا گهر ۾ 500 ايڪڙ زمين ميگا قبرستان لاءِ مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا لوڪل گورنمينٽ کاتي جي نالي ڪئي ويندي۔
انفراسٽرڪچر سيس، آبادڪاري ۽ قانوني حل
ڪابينا سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس (ايس ڊي ايم آءِ سي) ايڪٽ، 2026 ۾ ترميمن جي منظوري ڏني ته جيئن ڊگهي عرصي کان هلندڙ قانوني تڪرارن کي حل ڪري سگهجي.
اپريل 2026 جي آخر تائين، 132 درخواست ڏيندڙن دستخط ڪيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ارب رپين کان وڌيڪ جي بينڪ ضمانتون ڪيش ڪيون ويون آهن. ڪابينا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ کي ڪيسن جي واپسي ۽ آبادڪاري جي معاهدن تي عمل درآمد جي آخري تاريخ 23 آگسٽ 2026 تائين وڌائڻ جي اجازت پڻ ڏني.
موٽر سائيڪل فيول سبسڊي
ڪابينا پيپلز فيول سبسڊي پروگرام کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن موٽر سائيڪل مالڪن کي مسلسل رليف فراهم ڪري سگهجي۔ پروگرام کي 31 مئي 2026 تائين وڌايو ويو آهي ته جيئن رهيل درخواستن تي عمل مڪمل ٿي سگهي۔ وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته مئي مهيني لاءِ 2 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ته جيئن ادائيگيون بنا وقفي جاري رهن۔هن وقت تائين 548,085 درخواستگذارن لاءِ ادائيگين جي تصديق ٿي چڪيون آهن، جن کي في سڃاڻپ ڪارڊ 2,000 رپين جي حساب سان لڳ ڀڳ 1.096 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن۔
موٽر سائيڪل ڪيب ايگريگيٽرز لاءِ ٽيڪس رليف
گهٽ آمدني وارن ڊرائيورن جي روزگار جي تحفظ ۽ رائيڊ ڪينسليشن کي گهٽائڻ لاءِ ڪابينا موٽر سائيڪل رکندڙن سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس (ايس ايس ٽي) گهٽائڻ جي منظوري ڏني۔ڪيب ايگريگيٽرز (جهڙوڪ بائيڪيا) ذريعي ڪمائيندڙ موٽر سائيڪل ڊرائيورن جي خالص ڪرائي تي ٽيڪس 5 سيڪڙو کان گهٽائي 2 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جنهن سان سالياني طور تقريباً 120 ملين رپين جو مالي اثر پوندو۔
قانوني ترميمون
نئون قانوني فريم ورڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) معاهدن جي واڌ جي اجازت ڏئي ٿو، بشرط واڌ اصل مدت جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجي ۽ غير معمولي ڪارڪردگي تي ٻڌل هجي.پي پي پي پاليسي بورڊ کي حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) منصوبن لاءِ معياري آپريٽنگ طريقيڪار ۽ هدايتن جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.پروجيڪٽ ڊولپمينٽ سهولت (پي ڊي ايف) ۽ وائبلٽي گيپ فنڊ (وي جي ايف) جي دائري کي وڌايو ويو آهي ته جيئن منصوبن جي استحڪام سان لاڳاپيل اضافي مطالعي ۽ خرچن کي شامل ڪيو وڃي.ترميم پارٽين کي اهو اختيار پڻ ڏئي ٿي ته جيڪڏهن ثالثي مقرر ڪيل مدت اندر مڪمل نه ٿئي ته سڌي ثالثي جو رستو اختيار ڪن. خانگي پارٽين کي هاڻي آپريشن دوران سالياني بنيادن تي ڪارڪردگي بانڊ فراهم ڪرڻ جي اجازت پڻ آهي.
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين
ڪابينا جي منظوري کان پوءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين منصوبي لاءِ عبوري واڌ ڏني وئي ته جيئن نئين ترميمن جي نفاذ تائين خدمتون بنا رڪاوٽ جاري رهن۔
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ
ڪابينا ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين منصوبي لاءِ 12 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني، جيڪو مارچ 2016 کان انڊس اسپتال پاران هلايو پيو وڃي۔ اها واڌ 16 مارچ 2026 کان 15 مارچ 2027 تائين ڏني وئي آهي ته جيئن خدمتن جو تسلسل برقرار رهي۔
سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل
صحت کاتي سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ايڪٽ 2025 متعارف ڪرايو، جنهن جو مقصد طبي ماهرن ۽ ادارن جي صوبائي سطح تي نگراني قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ رجسٽريشن، تعليمي قابليت جي سڃاڻپ، ادارن جي تصديق، تعليم ۽ تربيت جا ضابطا، لائسنسنگ، پيشه ورانه معيار ۽ اخلاقيات، نظم و ضبط جي ڪارروائي ۽ جاري پيشه ورانه ترقي (سي پي ڊي) شامل آهن.
هي ڪائونسل صوبي اندر طبي ماهرن جي رجسٽريشن، ادارن جي تصديق ۽ پيشاورانه معيارن کي منظم ڪندي۔ ارڙهين ترميم کان پوءِ، صحت کاتي جو موقف آهي ته صوبن کي وفاقي نگراني سان گڏ آزاد ريگيوليشن جي ضرورت آهي۔ ڪابينا ايڪٽ جي منظوري ڏئي ۽ ان کي اسيمبلي حوالي ڪيو۔
مينجمينٽ ٽرانزيشن
صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل جي پيش ڪيل تجويز منظور ڪئي وئي، جنهن تحت ضلعي ٺٽو ۾ 40 بسترن تي ٻڌل ٽي ايڇ ڪيو اسپتال گهوراٻاري جي آپريشنل مينجمينٽ پنجن سالن لاءِ پاڪستان نيشنل فورم آن وومينز هيلٿ (پي اين ايف ڊبليو ايڇ) حوالي ڪئي ويندي۔ ورڪس واري وزير حاجي علي حسن زرداري ڪابينا کي ٻڌايو ته هن اسپتال جي عمارت مڪمل ڪري ڇڏي آهي۔ پنجن سالن جي مينجمينٽ بجيٽ جو اندازو 951.744 ملين رپيا آهي۔
ڪاربان پرائس مينڊيٽ (پاڪ فلو پروجيڪٽ)
ڪابينا ورلڊ بئنڪ جي پاڪ فلو منصوبي جي سنڌ واري حصي لاءِ مالي فريم ورڪ جي واڌ ڪئي۔ هي قدم ڄام چاڪرو لينڊ فل سائيٽ تي ميٿين جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ ڪاربان ڪريڊٽس پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ٿو۔هن منصوبي جو مقصد ٽرانسفارميٽو ڪاربان ايسٽ فيسليٽي (ٽي سي اي ايف) کان نتيجن جي بنياد تي ادائيگين جي صورت ۾ 40 ملين آمريڪي ڊالر تائين متحرڪ ڪرڻ آهي۔ ويريفائيڊ ايمشن ريڊڪشنز (وي اي آرز) جي قيمت 20 کان 27 آمريڪي ڊالر في ٽي سي او ٽو اي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ٽرانسفرڊ ميٽيگيشن آئوٽڪمز (آءِ ٽي ايم اوز) جي قيمت 23 کان 31 آمريڪي ڊالر في ٽي سي او ٽو اي مقرر آهي۔
ڪابينا لاڳاپيل کاتن کي اختيار ڏنو ته اهي مٿين حد جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪن (تصديق ٿيل اخراج گهٽائڻ لاءِ 27 آمريڪي ڊالر ۽ بين الاقوامي طور تي منتقل ٿيل گهٽتائي جي نتيجن لاءِ 31 آمريڪي ڊالر)، جڏهن ته هدايت ڪئي ته مارڪيٽ جي حالتن تي منحصر ڪري، بين الاقوامي طور تي منتقل ٿيل گهٽتائي جي نتيجن لاءِ 40 آمريڪي ڊالر يا ان کان وڌيڪ جي قيمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون پڻ ڪيون وڃن.مقامي حڪومت جو کاتو ۽ ماحول، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي جو کاتو هن فريم ورڪ جي عملدرآمد جي نگراني ڪندو، ۽ سخت ماپ ۽ رپورٽنگ کي يقيني بڻايو ويندو.
انساني حقن جا سڌارا
ڪابينا سنڌ انساني حقن جي تحفظ (ترميمي) بل 2026 جي منظوري ڏني ۽ ان کي اسيمبلي ڏانهن موڪليو. هن ترميم ذريعي، “ڪاروبار ۽ انساني حقن” کي قانوني ڍانچي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي رهنمائي اصولن جي مطابق ڪارپوريٽ سطح تي ٿيندڙ زيادتين کي حل ڪرڻ آهي.ترميم چيئرمين ۽ ميمبرن جي مدت کي چار سالن کان وڌائي پنج سال ڪري ٿي، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت، سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي ججن کي چيئرمين طور ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي.
ڪابينا “بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ، نوابشاهه ايڪٽ 2025” جي قيام جي پڻ منظوري ڏني، جنهن جو مقصد علائقي ۾ خاص ٽرانسپلانٽ سهولتن کي فروغ ڏيڻ آهي.
صدر زرداري جو چين جو دورو
هڪ الڳ بريفنگ ۾، سيڙپڪاري کاتي ڪابينا کي صدر آصف علي زرداري جي تازي چين جي دوري بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ لاءِ ڪيترائي اهم معاهدا ٿيا، جن ۾ ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ ۽ پيرن ۽ مُنهن جي بيماري جي ويڪسين جي پيداوار جي سهولت شامل آهي.انهن سفارتي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ،ڪابينا سيڙپڪاري کاتي ۾ هڪ وقف چائنا ڊيسڪ جي قيام جي منظوري ڏني، جيڪو سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ ايم او يوز کي صوبائي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل جي نگراني ڪندو.
نظرثاني ٿيل وائيس چانسلر مقرري فريم ورڪ
ڪابينا وائيس چانسلرن جي مقرري جي عمل کي جديد بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ته جيئن اميدوارن جو دائرو وڌائي سگهجي ۽ تجربيڪار قيادت کي راغب ڪري سگهجي۔ ترميمن تحت اميدوارن جي وڌ ۾ وڌ عمر 62 سالن کان وڌائي 65 سال ڪئي وئي آهي۔ضروري تجربي کي 15 سالن کان وڌائي 20 سال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايڇ اي سي سڃاڻپ ٿيل اشاعتون لازمي قرار ڏنيون ويون آهن۔
تعليمي بورڊن لاءِ ڀرتي جا ضابطا
ڪابينا سنڌ جي ستن بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاءِ ڊرافٽ رڪروٽمينٽ رولز اينڊ سروس ريگيوليشنز 2026 جي منظوري ڏني۔چيئرمين، سيڪريٽري، ڪنٽرولر آف ايگزامينيشنز ۽ آڊٽ آفيسر جهڙيون پوزيشنون هاڻي معياري سرچ اينڊ سليڪشن ڪميٽي ذريعي پوريون ڪيون وينديون ته جيئن ميرٽ کي يقيني بڻائي سگهجي۔نئين ضابطن تحت چيئرمين (بي پي ايس 19/20) لاءِ عمر جي حد 40 کان 55 سال مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ ماسٽر ڊگري (فرسٽ ڊويزن) ۽ 15 سالن جو سينيئر مئنيجمينٽ تجربو گهربل هوندو۔هي قدم ماضي جي بي ضابطگين کي درست ڪندي ڀرتي واري عمل کي قانوني سرڪاري منظوري هيٺ آڻڻ لاءِ کنيو ويو آهي۔
سيپرا لاءِ ميمبر (فنانس ۽ پاليسي)
ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ لاءِ جناب فيصل ملڪ کي ميمبر (فنانس ۽ پاليسي) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.










