حيدرآباد: ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت، 6 زخمي

حيدرآباد: ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت، 6 زخمي

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 جي لغاري ڳوٺ ۾ قائم ڦٽاڪن جي غيرقانوني فيڪٽري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيڻ سبب فيڪٽري مڪمل طور تي زمين تي ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڊيڊ باڊيون ملبي مان هٿ ڪيون ويون آهن ۽ 6 ٻيا زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن۔ ريسڪيو 1122، فائر بريگيڊ، پوليس ۽ رينجرز جون ٽيمون وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ تي پھچي ويون ۽ سرچ آپريشن ڪيو. برن ڀارڊ جي ڊاڪٽرن موجب 4 مان 2 لاش 100 سيڪڙو سڙيل حالت ۾ هئا. ريسڪيو ذريعن موجب ڪجهه زخمين ۽ فوتين جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا زخمين ۾ نصرت (خاتون) مشتاق وقاص مقعد کاشف شهروز رشيد نعيم طور ٿي آهي اضافي طور چار نامعلوم ڊيڊ باڊي پڻ اسپتال منتقل ڪيون ويون آهن، جن جي سڃاڻپ لاءِ عمل جاري آهي زخمين مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد واقعي واري هنڌ جو دورو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪي جو شڪار بڻيل پٽاخن جي فيڪٽري سرڪاري زمين تي غيرقانوني طور قائم ڪئي وئي هئي، شھر کان پري ايريڪيش جي زمين آهي جيڪا اسد نالي شخص هلائي رهيو هو ڊي سي موجب فيڪٽري ۾ خطري وارو ڌماڪي جو مواد بنا اجازت ۽ بغير سيفٽي انتظامن جي تيار ڪيو پيو ويو، جنهن سبب هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو عيني شاهدن مطابق ڌماڪي جي شدت ايتري هئي جو ڀرپاسي گهرن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ هڪ موٽر سائيڪل جا پرزا پري پري تائين اڏامي ويا۔ شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت فيڪٽري اندر 12 کان 13 مزدور موجود هئا، جن مان ڪيترائي اڃا تائين ملبن هيٺ هئڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ پوليس علائقي کي سيل ڪري ڏنو آهي ۽ پوسٽ بلاسٽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فائر بريگيڊ جي ٽيمون ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري رکيو ويٺيون آهن۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ شديد خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي ۽ رهواسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا.ھوڏاننھن حيدرآباد جي هڪ فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي واقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سخت نوٽيس ورتو ۽ زخمي مزدورن کي فوري ۽ بهترين طبي امداد مهيا ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. وڏي وزير ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کان فوري طور تي واقعي جي رپورٽ ۽ حقيقتن جو تفصيلي نوٽيس طلب ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب مراد علي شاهه واقعي جي سببن کي سمجهڻ ۽ فيڪٽري ۾ موجود حفاظتي انتظامات جو جامع آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير واضح ڪيو ته فيڪٽريون ۾ حفاظتي معاملن ۾ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڌماڪي جا ذميوار سخت ڪارروائي جو منهن ڏسندا. هن چيو ته مزدورن جي تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت قبول نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو