غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حماس يرغمالين جي نالن جي فهرست جاري نه ڪري رهيو آهي.پرڏيهي خبرن جي اداري موجب، اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو ته جنگ بندي ان وقت تائين اثرائتو نه ٿيندي جيستائين حماس پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندو.ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جنگ بندي تي عمل درآمد لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.ٻئي طرف، حماس چيو ته يرغمالين جا نالا جاري ڪرڻ ۾ دير هڪ ٽيڪنيڪل خرابي جي ڪري ٿي.ياد رهي ته غزه جنگ بندي معاهدي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي.










