ڀرياسٽي (رپورٽ منظور ملڪ) ڪرٽيڪل اسٽڊي فورم توڙي سول سوسائيٽي سنڌ جي تاريخ سان چاهه رکندڙ ن هند ۽ سنڌ جي عظيم ڏاهي اديب ڀريا ڄائي حشو ڪيولراماڻي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي ، تقريب کي خطاب ڪندي اديبن تاريخ سان چاهه رکندڙن ۽ صحافين علي شير ڪيريو ، استاد نصير ملاح ، امانت علي وسطڙو ، مسرور شاهه ، ذيشان علي ڪيريو ۽ ٻين چيو ته پاران ڀرياسٽي پريس ڪلب جي سھڪار سان سنڌ ۽ ھند جي نامياري اديب دانشور ۽ ليکڪ ڀرياسٽي ڄائي( حشمت راءِ ) عرف حشو ڪيولراماڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا۽ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي ميڙاڪي ۾ کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اڳواڻـن چيو ته حشو ڪيولراماڻي هڪ بھترين ليکڪ اديب دانشور ڏاهو ۽ فلاسفر ھو ، حشو سنڌي ٻولي جي تاريخ ساز شخصيت ھو. ھنن چيو تـ حشو ڪيولراماڻي جون علمي ادبي خدمتون نمايان آھن حشو لا۽ سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي تـ حشو اھا شخصيت آھي جنھن مان خود پرايو آھي حشو ادب ۾ منھنجو استاد آھي ھنن چيو تـ حشو ڪيولراماڻي تاريخ جو پھريون جلاوطن ليکڪ آھي جيڪو ھن مھل تائين گمنام آھي حشو جو سنڌ ۽ سنڌد ٻولي لا۽ ادا ڪيل ڪردار ساراھ جوڳو آھي ھنن چيو تـ حشو سنڌ ۾ مارڪس جو فلسفو کڻي آيو ۽ شاگردن کي ڪميونزم جي راھ ڏيکاريائين ھنن وڌيڪ چيو تـ اسان کي اھڙن سپوتن جا ڏھاڙا ملھائڻ گھرجن جن سان نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ٿي سگھي ۽ اهڙن عظيم ڏاهن متعلق ڄاڻ ملي سگهي ـ ھنن مطالبو ڪيو تـ حشو ڪيولراماڻي نالي سان ڀرياسٽي ۾ يادگار تعمير ڪرايو وڃي هنن ٻڌايو حشو ڀريا شهر ۾ جتي رهندو هو ان عمارت کي ڊاهي اتي ٻي عمارت جوڙي وئي آهي ـ پروگرام جي آخر ۾ محفل موسيقي ۾ صوفي فنڪار شھمير سولنگي سر وکيريا










