حريم شاهه جي شادي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن جون وضاحتون

حريم شاهه جي شادي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن جون وضاحتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پاران پيپلز پارٽي سنڌ جي ايم پي اي سان شادي جي خبر بعد اڌ پيپلز پارٽي وضاحت ڪندي شادي کان لا تعلقي ظاهر ڪري چڪي آهي. تيمور ٽالپر چيو آهي ته حريم سان شادي کان بهتر آهي ته خود ڪشي ڪري ڇڏيان. سيد ذولفقار شاهه چيو آهي ته هن کي حليم عادل بدنام پيو ڪري. مرتضيٰ وهاب به انڪار ڪري چڪو آهي. حريم شاهه جيو نيوز سان ڳالهائيندي مڙس جو نالو کڻڻ کانسواءِ شادي جي تصديق ڪئي هئي. هن پنهنجي شادي واري لباس جي تصوير سان گڏ هڪ ٻئي تصوير به شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هڪ مرداڻو هٿ آهي جنهن مٿان هڪ عورت جو هٿ آهي. حريم شاهه موجب ان تصوير جو شادي سان تعلق ناهي. ڪراچي جي هڪ ڪاروباري شخص حسن اقبال چيو ته مرداڻو هٿ هن جو آهي ۽ سندس هٿ مٿان عورتاڻو هٿ سندس دوست جو آهي حريم جو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو