ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سالن کان گم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ حڪومتي اختيارين کي سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سرڪاري پراسيڪيوٽر ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي پيش رفت کان آگاهه ڪيو.ٻڌڻي دوران پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جبري گم ڪيل شهرين جي وارثن جي مالي مدد ڪئي وئي آهي.جاچ آفيسر عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته پاپوش نگر مان گم ٿيل شهري عادل خان کي جي آءِ ٽي ۾ جبري گمشدگي قرار ڏنو ويو آهي.سنڌ حڪومت پاران شهري جي خاندان جي مالي مدد پڻ ڪئي وئي آهي.ان دوران هڪ عورت عدالت کي ٻڌايو ته سندس مڙس 8 سالن کان گم آهي، هو ڪيترن ئي سالن کان عدالتن ۽ ٿاڻن جا دورا ڪري رهيو آهي.هن وقت تائين پوليس پاران ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪو پتو پئجي سگهيو آهي.عدالت گم ٿيل شهري امين الياس ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي شهرين جي سفري تاريخ معلوم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










