جڏهن عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندو هن خبر پئجي ويندي: شيخ رشيد

جڏهن عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندو هن خبر پئجي ويندي: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان تي طنز ڪندي چيو آهي ته مري وڃڻ سان چونڊ مهم ناهي ٿيندي، عوام ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو ته خبر پئجي ويندي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته چونڊون ٿينديون رهنديون، ڪجهه بهتري اچي سگهي ٿي.شيخ رشيد چيو ته جيڪو به حڪومت ۾ ايندو ان لاءِ معيشت وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته بورڊ لڳايو، جيڪي بيگناهه آهن انهن کي ڪيسن مان ڪڍيو وڃي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ماڻهن جون حالتون تمام خراب آهن، سڄي پاڪستان کي خبر آهي ته مان 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ناهيان. شيخ رشيد اهو به چيو آهي ته اسان جي اصل ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ ۾ ٿيندي، اڄ سرڪاري پراسيڪيوٽر دليلن لاءِ ٻيهر وقت گهريو آهي، اسان عبوري ضمانتن تي دليلن لاءِ تيار هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو