ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) گل پلازه سانحي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن پنهنجي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب عدالتي ڪميشن جو چوڻ آهي ته گل پلازه سانحي جي رپورٽ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ 7 اپريل تائين سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي.عدالتي ڪميشن موجب رپورٽ ۽ سمورو رڪارڊ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت وٽ اختيار هوندو ته رپورٽ کي عام ڪري يا نه. ان حوالي سان ڪميشن هڪ خط لکي قانون واري سيڪريٽري کي 7 اپريل تي طلب ڪيو آهي.










