جي يو آءِ ميمبر  ترميم جي خلاف ووٽ ڏيندا:فضل الرحمان

جي يو آءِ ميمبر ترميم جي خلاف ووٽ ڏيندا:فضل الرحمان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي جي يو آءِ (ف) جي ميمبرن لاءِ هدايت جاري ڪئي آهي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۾ هن وقت هڪ آئيني ترميم پيش ڪئي پئي وڃي، ۽ ان کان اڳ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ به هن مسئلي تي بحث ڪيو ويو هو هن چيو ته ترميم جي سڀني پهلوئن تي غور ڪرڻ کان پوءِ، جي يو آءِ هن ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، قومي اسيمبلي جي جي يو آءِ ميمبرن کي هن ترميم جي خلاف ووٽ ڏيڻ گهرجي.جي يو آءِ جي امير ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني اڳواڻ جي حيثيت سان، مولانا فضل الرحمان ميمبرن کي هدايت جاري ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو