جي بي حڪومت جو مدو پورو، رٽائرڊ جج نگران وڏو وزير مقرر

جي بي حڪومت جو مدو پورو، رٽائرڊ جج نگران وڏو وزير مقرر

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي موجوده حڪومت جي پنجن سالن جي آئيني مدت اڄ ختم ٿي وئي، گلگت بلتستان ۾ سڀني وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪوآرڊينيٽرن کي ڊي نوٽيفائي ڪيو ويو آهي، نگران حڪومت سان لاڳاپيل شقن جي تحت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن 24 نومبر 2025 جي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندو. فيصلو گلگت بلتستان اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ آرٽيڪل 56(5) جي تحت ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن سيڪريٽري قانون ۽ پراسيڪيوشن سجاد حيدر جي دستخط سان جاري ڪيو ويو ۽ سڀني سرڪاري آفيسن ۽ انتظامي اختيارين کي موڪليو ويو، جسٽس (ر) يار محمد کي گلگت بلتستان جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف صلاح مشوري کان پوءِ مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، گلگت بلتستان چيف ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) يار محمد خان کي گلگت بلتستان جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. سندس تعلق ضلع استور جي ڳوٺ نصير آباد سان آهي ۽ قانون ۽ عدليه جي ميدان ۾ ڏهاڪن جو تجربو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو