اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) گلگت بلتستان، اپر خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ممڪن طور تي سخت ٿڌ جي لهر جو الرٽ جاري ڪيو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، ايندڙ ڏينهن ۾ جنوري جي آخر تائين رات ۽ صبح جي وقت سخت ٿڌ جي موسم جو امڪان آهي.مٿاهين علائقن ۾ وچولي کان تيز برفباري جو امڪان آهي، جيڪو رابطي جي رستن، ٽرانسپورٽ ۽ بجلي جي فراهمي کي متاثر ڪري سگهي ٿو.اين ڊي ايم اي موجب، جبلن جي علائقن ۾ ممڪن برفباري جي ڪري برفاني تودن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويندو.ميداني علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ٿڌي ۽ خشڪ موسم ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري فصلن ۽ باغن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.










