جيڪڏهن سڄو بار عوام تي وجهجي ته پيٽرول 600 ليٽر هجڻ گهرجي

جيڪڏهن سڄو بار عوام تي وجهجي ته پيٽرول 600 ليٽر هجڻ گهرجي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سکر ايڪسپريس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، ريلوي ۾ جديد ترقي نظر اچي رهي آهي.ملڪ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪجهه وقت کان پيٽروليم شين جي قيمتن جو بار برداشت ڪري رهي هئي، ان عوام تي بار نه وڌو، جيڪڏهن سڄو بار عوام تي وجهجي ته پيٽرول 600 ليٽر هجڻ گهرجي.ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت 60 سيڪڙو گاڏيون بند ڪري ڇڏيون آهن، پيٽرول اڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ پگهارون به گهٽائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته حالتون اڃا به خراب ٿينديون. اسان کي هن جنگ جا اثر ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻا پوندا. حڪومت جي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي ڪري، اڄ ايران ۾ به پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو