جيڪب آباد (ن س )جيڪب آباد ۾ پوليو خلاف مهم دوران عورت سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي.ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي جو چوڻ آهي ته پوليو ورڪر عورت جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ زيادتي ثابت ٿي آهي.ڊاڪٽر ارشاد سرڪي چيو ته لمس يونيورسٽي ليبارٽري ڄامشورو زيادتي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته عورت سان زيادتي ڪيس جي رپورٽ اڄ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.رپورٽ موجب مقتول عورت ۽ جوابدار احمد جکراڻي جو ڊي اين اي ميچ ڪيو ويو آهي.










