جيڪب آباد: (ن س) وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪب آباد پهچي ويو جتي هن اڳوڻي ايم اين اي مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان عذرخواهي ڪئي وڏي وزير مراد علي شاهه جکراڻي هائوس پهچي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي سان سندس والد بابل جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪابينا جا وزير شرجيل ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، ناصر شاهه، خورشيد شاهه پڻ گڏ موجود هئا وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاص اڏام ذريعي شهباز ايئربس پهتو جتان کان جکراڻي هائوس پهچي هن عذر خواهي ڪئي.عذر خواهي بعد صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايران آمريڪا جنگبندي پاڪستان جي ڪوششن سان ممڪن ٿي، جنگبندي پاڪستاني سفارتي ڪوششن جي فتح آهي پاڪستان جي شاندار ڪردار جي هر طرف تعزيت ٿي رهي آهي هن چيو ته سنڌ سرڪار جي مٿان عوام جو اعتماد آهي جنهن جي ڪري 2024 جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي جيڪب آباد سميت سنڌ جي رهيل ضلعن ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جو پراسيس جلد شروع ڪري ميرٽ جي بنياد تي بيروزگارن کي آرڊر جاري ڪيا ويندا پاڪستان حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي










