ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت صوبي جي جيلن کي اصلاحي گهر بڻائڻ جي منصوبي تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ آءِ جي جيل قاضي نذير اڄ صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد علي ملڪاڻي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ان منصوبي تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، ايم ڊي اسٽيوٽا منور علي مٺاڻي، ڊائريڪٽر اسٽيوٽا سيده لبنيٰ شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. آءِ جي جيل قاضي نذير صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي ٻڌايو ته صوبي جي جيلن ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 25 هزار قيدي موجود آهن جن کي مختلف ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان مختلف ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي خطاب ڪندي يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي ويزن مطابق سنڌ جي جيلن ۾ قيد قيدين جي بهتري لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت مختلف قدم کنيا آهن. .هن چيو ته ڊپارٽمينٽ جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ کيس اسٽيوٽا جي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت صوبي جي جيلن کي اصلاحي اسڪولز ٺاهڻ جي منصوبي تي عمل شروع ڪيو ويو هو ۽ جيل کاتي ۽ اسٽيوٽا جي وچ ۾ هڪ ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون هون، پر ڪورونا جي ڪري، ان تي عملدرآمد بند ٿي ويو. ايم ڊي اسٽيوٽا منور علي مٺاڻي چيو ته اسٽيوٽا جي ٽيم پاران سڄي صوبي جو دورو ڪري صوبي جي 22 ضلعن ۾ قيدين کي مختلف تربيتي ڪورس ڪرائڻ جو شروعاتي پلان تيار ڪيو ويو آهي، انهن ڪورسز ۾ اليڪٽريڪل، پلمبرنگ، سي آءِ ٽي ڪمپيوٽر، بيوٽيشن ۽ فيشن ٽيلرنگ شامل آهن، جن مان سوين قيدي فائدو وٺي سگهن ٿا. محمد علي ملڪاڻي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ ۽ ايم ڊي اسٽيوٽا کي هدايت ڪئي ته اسٽيوٽا ۽ جيل کاتي جي وچ ۾ گڏيل پروجيڪٽ جو تفصيلي PC-1 تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ پروجيڪٽ مان فائدو حاصل ڪندڙ قيدين جو تعداد ۽ انهن ڪورسز جي باعث انهن جي سزائن ۾ معافي ملڻ جا نقطا به تفصيل سان بيان ڪيا وڃن، هن سمري کي هو پاڻ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪندا.محمد علي ملڪاڻي چيو ته جيڪڏهن صوبي جي 22 ضلعن مان في سينٽر 100 قيدين کي ٽريننگ ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو وڃي ته هڪ بيچ ۾ 2200 قيدين کي تربيت ملي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن سال ۾ ٻه بيچ پاس ٿي وڃن ته پوءِ ائين ٿيڻ سان صرف هڪ سال ۾ ساڍا چار هزار قيدين جي بهتري ٿي ويندي ۽ باعزت روزگار شروع ڪري ذميوار شهري بڻجي سگهن ٿا. صوبائي وزير ان منصوبي تي جلد کان جلد عملدرآمد شروع ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ته جيئن جيل جي قيدين کي ان پروگرام ذريعي فوري تربيت فراهم ڪري سگهجي.










