جوهي: (ن س) ڪاڇي ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان آلکاڻي ۽ چانڊيا برادري جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.ڪاڇي جي علائقي ڳوٺ سم شريف ۾ زمين جي مالڪي تان چانڊيه, آلکاڻي برادري جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو, جهيڙي دوران ڌرين جي هڪ ٻئي خلاف فائرنگ جي نتيجي ۾ چانڊيه برادري جا ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارثن پاران قصبي ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد جوهي اسپتال بجاء سول اسپتال دادو رفر ڪيو ويو, جتي رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي مٺو خان چانڊيو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو آهي,جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پرديسي عرف موسو چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو آھي جنهن کي خير پور ناٿن شاھ اسپتال رفر ڪيو ويو آھي, ڌُرين وچ ۾ ڪافي سالن کان زميني تڪرار هلندڙ هيو,










