ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال علائقن ۾ اڇون ڪار چورن جو هڪ گروهه سرگرم ٿي ويو آهي،پوليس موجب جوابدارن گذريل هفتي دوران 5 گاڏيون چوري ڪيون ۽ فرار ٿي ويا. جوابدار صبح 6 وڳي کان صبح 10 وڳي تائين ڏوهه ڪري رهيا آهن.جوابدار اڳ ۾ ناظم آباد ۾ اهڙا ڏوهه ڪري چڪا آهن.سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ ڪيپ ۽ ماسڪ پائي رهيا آهن.ٻئي طرف، چوري ٿيل گاڏيون اڃا تائين هٿ نه آيون آهن، ۽ پوليس انهن جي ڳولا ڪري رهي آهي.










