جون 2025ع تائين سنڌ کي ايف ايم ڊي ويڪسين فري بڻايو ويندو

جون 2025ع تائين سنڌ کي ايف ايم ڊي ويڪسين فري بڻايو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): لائيو اسٽاڪ کاتي بابت صوبائي صلاحڪار سيد نجمي ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن جو اجلاس سندن آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ مختلف ايجنڊا تي غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پيرن ۽ وات جي ڦٽ جي ويڪسين جي تياري ۽ ان کي مختلف مرحلن مان گذرڻ جي منظوري ڏني وئي. لائيو اسٽاڪ کاتي جي سالياني فنڊن بابت صلاحڪار نجمي عالم هدايت ڪئي ته ريسرچ فنڊز جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي الڳ فنڊ رکيا وڃن ۽ کاتي کي تحقيقي ڪم لاءِ متحرڪ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ مختلف ويڪسين سان گڏ ڪتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سيد نجمي عالم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو دل سان ڪم ڪندي مختلف پروڊڪٽس تي ڪم ڪري ۽ ليبارٽري مرحلن ذريعي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪري. هن چيو ته منصوبا جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ اسان واحد ادارو هونداسين جيڪو ويڪسين برآمد ڪري سگهندو. هن چيو ته ڪارپيٽ ويڪسين جي ماهوار رپورٽ ڏني وڃي، جون 2025ع تائين سنڌ کي ايف ايم ڊي ويڪسين فري بڻايو ويندو. هن کاتي کي هدايت ڪئي ته 20 سالن جي بريڊنگ پاليسي جوڙي وڃي. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ پاران تيار ڪيل ويڪسين کي پرائيويٽ ڪمپنيون چيڪ ڪنديون، پيرن ۽ وات جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ جون 2025 آخري ڊيڊ لائن آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو