ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هن سال جون کان آگسٽ تائين پاڪستان ۾ اڪثر هنڌن تي معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب وچ ۽ اتر پنجاب ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو خدشو آهي، دريائن ۾ ٻوڏ ۽ شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.موسميات کاتي موجب هن سال بلوچستان ۾ معمول کان وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گرمي پد وڌڻ سبب خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برف پگھلڻ جو عمل تيز ٿيندو.موسميات کاتي موجب مون سون جي پهرين مرحلي ۾ ٻئي مرحلي جي مقابلي ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.










