جهنگ ۾ خوفناڪ حادثو، بس ۽ وين ۾ ٽڪر، 14 ڄڻا فوت

جهنگ ۾ خوفناڪ حادثو، بس ۽ وين ۾ ٽڪر، 14 ڄڻا فوت

جهنگ: (ويب ڊيسڪ) جهنگ ۾ فيصل آباد روڊ تي ڪلي فقير جي ڀرسان هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ بس ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتجي ۾ 14 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثو انهي وقت پيش آيو جڏهن بس لاهور طرف وڃي رهي هئي ته سامهون ايندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. حادثو ايترو شديد هو جو گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. جڏهن ته بس کي به سخت نقصان پهتو آهي.ريسڪيو ڪنٽرول کي اطلاع ملندي ئي فوري طور تي ڪارروائي ڪندي 5 ريسڪيو گاڏيون حادثي واري جڳهه ڏانهن روانيون ڪري ڇڏيون. ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جهنگ منتقل ڪيو ويو جتي انهن جو علاج جاري آهي.ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي جڏهن ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽريفڪ کي بحaل ڪري ڇڏيو. حادثي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا قائم آهي.ٻئي طرف واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر علي اڪبر ڀنڊ، ڊي پي او بلال افتخار ڪياني به واقعي واري هنڌ پهتا جن زخمين کي فوري طبي علاج ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. ضلعي آفيسرن حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو.ريسڪيو ذريعن موجب وٽرنري يونيورسٽي جي بس لاهور وڃي رهي هئي جيڪا سامهون ايندڙ ويگن سان ٽڪرائجي وئي. ويگن ٽريڪٽر ٽرالي کي اوور ٽيڪ ڪندي بس سان ٽڪرائجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو