جسٽس جهانگيري بابت سينڊيڪيٽ جو فيصلو معطل، ڪوبه قدم نه کڻڻ جو حڪم

جسٽس جهانگيري بابت سينڊيڪيٽ جو فيصلو معطل، ڪوبه قدم نه کڻڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف ان فيئرمينز ڪميٽي جي سفارشن ۽ سنڊيڪيٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ان فيئرمينز ڪميٽي جي سفارشن ۽ سنڊيڪيٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڪراچي يونيورسٽي کي ان حوالي سان وڌيڪ قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، ڊپٽي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا۽ ڌرين کي ٽن هفتن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو ، درخواستگذار وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان فيئرميز ڪميٽي ۽ سنڊيڪيٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري غير موثر قرار ڏني ڇڏي،جسٽس صلاح الدين پنهور سوال ڪيو ته ڪنهن جي ڊگري جو ڪيس آهي، هن وقت تائين يونيورسٽي ان قسم جا ڪيترا فيصلا ڪري چڪي آهي؟،وڪيل جواب ڏنو ته سنڊيڪيٽ غير شفاف طريقي سان فيصلو ڪيو آهي،جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته ڊگري ڪڏهن جي آهي، وڪيل جواب ڏيندي چيو ته ڊگري، ٽيهه سال پراڻي آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪنهن جي درخواست تي اهو سڀ ٿيو آهي جنهن جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي، هي چئي رهيا آهن اسلاميه لا ڪاليج خط لکيو آهي، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو سوال ڪيو ته درخواستگذارن جو ان ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي ، وڪيل طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواستگذار چيو ته ڪراچي يونيورسٽي وٽ ڪو به اختيار ناهي، صرف جڊيشل ڪميشن ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، سنڊيڪيٽ جي هڪ ميمبر کي پوليس 8 ڪلاڪن کڻي وئي هئي ، وڪيل جي جواب تي جسٽس امجد علي سهتو چيو ته هتي سياست جي ڳالهه نه ڪريو، توهان ڪنهن جي ڊگري ڪينسل ڪري رهيا آهيو، ان کي سڏيو وڃي ها، ان شخص کي نوٽيس ڏنو وڃي ها، جڊيشل ڪميشن کي جيڪا به درخواست ڏئي سگهجي ٿي، ان جي جاچ ڪئي وڃي ڊگري اصلي آهي يا جالي

پهنجو تبصرو موڪليو