اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف توهين عدالت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 7 رڪني فل ڪورٽ بينچ 19 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس بابر ستار، جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز شامل آهن.ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ گرمي جي موڪلن کان اڳ پهرين ٻڌڻي ڪئي.










