غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج جي قبضي ۾ ويسٽ بئنڪ ۾ به جنگي ڏوهن جو سلسلو جاري آهي، هڪ زخمي فلسطيني کي فوجي جيپ جي اڳيان ٻڌي ڪري انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويو.هڪ زخمي فلسطيني کي فوجي جيپ جي اڳيان بيهاري جينين جي گهٽين ۾ گهمڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج واقعي جي جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.










